ڌارين جي نيڪالي، پاڻي تي ڌاڙي ۽ ملازمن جي برطرفي خلاف ڪيو اي ٽي جا مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد (نمائندن وٽان)  افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ  پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي نوڪرين مان سنڌ جي ھزارين ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ستين ڏينھن به احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. مڪلي ۾ وڪيل منور ڀٽو، ياسر جاکرو، شبير ڀٽي، شفيع پليجو، مويا ۾ حنيف باگراڻي، علي مردان رند، عزيز رند، شادي پلي ۾ نظر شر، حاڪم راڄڙ، بادل ڀيل، گل حسن پلي ۽ سيباڻو ، وارھ ۾ عنايت الله لاشاري، غلام شبير چانڊيو، ڪامريڊ اڪبر خاصخيلي، معشوق مرکنڊ، محمد پناھ تنيو، اياز سرتاج چانڊيو، رابيل چانڊيو، زبير احمد ڪلھوڙو، فراز خاصخيلي ، نندو ۾مرتضيٰ کوسو، مختيار کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرا ڪيا ويا، ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي جي اڳواڻ منور ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته ھڪ طرف سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف وري ماڻھن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو پيو وڃي،  پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري زراعت کي تباهه ڪري ماڻھن کي بدحال ڪيو پيو وڃي۔ سنڌ مان افغاني ڌارين سميت سڀني غير قانوني پرڏيھين کي نيڪالي ڏئي سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪري نوڪرين مان برطرف ڪيل 16 ھزار ملازمن کي بحال ڪري پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي سندن جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.