مهراڻ ٽائون فيڪٽري سانحو، ضمانت رد ٿيڻ تي 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي مقامي عدالت سانحي مهران ٽائون جي فيڪٽري مالڪن سميت ٻين جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي ،جوابدارن ۾ فيڪٽري مالڪ حسن متها،مڪان مالڪ فيصل طارق ۽ مئنيجر عمران زيدي شامل آهي ،مڪان مالڪ جي وڪيل ايڊووڪيٽ حسيب جمالي چيو ته عمارت ۾ ڪمرشل پي ايم ٽي نصب آهي ،اگر اندر جي خرابي سان ٻاهه لڳي ته ان ۾ مڪان مالڪ جو ڏوهه نه آهي ،جڏهن ته فيڪٽري جي مالڪ جي وڪيل حسان صابر چيو ته فيڪٽري هلائيندي حالت ۾ ڪرائي تي ورتي ان ۾ هنگامي راستو موجود هو ،سرڪاري وڪيل عدالت کي چيو ته جوابدارن رهائشي علائقي ۾ فيڪٽري ٺاهي ،17بي گناهه پورهيتن سڙي ڪري فوت ٿيا ان جي ضمانت رد ڪئي وڃي ،ضمانت رد ٿيڻ بعد هڪ جوابدار فيصل طارق عدالت مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش پوليس ناڪام بڻائي ڇڏي،پوليس گهر مالڪ فيصل طارق، فيڪٽري مالڪ علي حسن ۽ مئنيجر عمران زيدي کي گرفتار ڪري ڇڏيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.