فواد چوڌري عوام کي گمراهه ڪرڻ ڇڏي ڏئي: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) مڪاني کاتي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته فواد چوڌري عوام کي گمراھ  ڪرڻ ڇڏي ۽ سچ ڳالهائڻ جي ھمت ڪري. وفاقي اطلاعات واري وزير جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پنجاب جي دوري کان ڊنل پي ٽي آءِ ڪوڙ جو سھارو وٺي رھي آھي. وفاقي حڪومت فواد چوڌري سميت ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ عوام کي گمراھ ڪرڻ لاءِ ٽيم رکي آھي، هن  چيو ته عوام جي وچ۾ وڃڻ جي ھمت فقط بلاول ڀٽو زرداري ئي ڪري سگهي ٿو. ھن چيو ته پي ٽي آئي جي قيادت عوام جي وچ۾ وڃي ته کيس پنهنجي مقبوليت جي خبر پئجي ويندي، ته اھا عوام ۾ ڪيتري مقبول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.