بلاول ڀلي زور لڳائي، پنجاب مان ڪجهه نه ملندو: فرخ حبيب

لاهور( م ڊ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته  بلاول ڀلي زور لڳائي وٺي، پنجاب مان هن کي ڪجهه نه ملندو، 2018 جي چونڊن ۾عوام انهن کي رد ڪري چڪو آهي،  اهڙو اظهار هن بلاول ڀٽو پاران  حڪومت تي ڪيل تنقيد جي رد عمل ۾ ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ملتان سميت چونڊن ۾ پنجاب جيڪو پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ان جو احترام سڀني جي سامهون آهي، بلاول پاران ڏنل  ن ليگ ۾ قيادت جي فقدان واري اشاري تي ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته  ن ليگ ۾ ” م “ ۽ ” ش “ جو جهيڙو وڌي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.