خورشيد شاهه جي آزادي لاءِ پ پ جا سنڌ ۾ مظاهرا، حڪمران شاهه کان ڊنل آهن: اڳواڻ

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا)  پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي نيب ڪيس جي آڙ ۾ ٻن سالن کان ناحق بند ڪرڻ ۽  سيد فرخ شاهه جي گرفتاري خلاف سکر پريس ڪلب آڏو هزارين ماڻهن صوبائي صدر نثار احمد کهڙو، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، سيد اويس قادر شاهه، حاجي انور خان مهر ۽ ٻين جي قيادت ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي ڪارڪنن جي احتجاج کي خطاب ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته سکر ضلعي جي هزارين ماڻهن گڏ ٿي سيد خورشيد شاهه سان محبت جو ثبوت ڏنو آهي ۽ اهو پيغام ڏنو آهي ته خورشيد شاهه کي آزاد ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته سيد خورشيد شاهه جي عوام دوست پاليسي کان حڪمران خوفزده نظر اچن ٿا، صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه چيو ته اسان جي خاندان خلاف سياسي انتقام شروع ڪيو ويو آهي، نعمان اسلام شيخ خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن کي خوف آهي ته خورشيد شاهه آزاد ٿيو ته مارچ شروع ٿيندو، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي نياڻين کي به عدالتن ۾ گهرايو پيو وڃي، وڏي وزير جي خاص معاون ارسلان اسلام شيخ، سيد زيرخ شاهه، سٽي جي صدر مشتاق احمد سرهيو خطاب ڪندي چيو ته سيد خورشيد احمد شاهه جي آزادي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، ان موقعي تي ڊاڪٽر ارشد مغل، ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو، سيد عنايت شاهه، سليم غني ڪلوڙ، شفيق احمد پيرزادو، ميان محمد عابد انڍڙ، سيد احسان شاهه، مرتضيٰ گهانگهرو، مولانا محمود چاچڙ سميت مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي،عمرڪوٽ ۾  اڳوڻي ايم پي اي علي مراد راڄڙ، خالد سراج سومرو، صوفي نواز سومرو، ڪمار ٽلواڻي سميت ضلعي جي عهديدارن ورڪرن ۽ جيالن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن پنوعاقل کان پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو جي اڳواڻي ۾ ھڪ ھزار گاڏين کان وڌيڪ ورڪرن سان ڀريل قافلو روانو ٿي ويو،پنوعاقل کان پ پ پ اڳواڻن سليم غني ڪلوڙ،علي گوھر خان انڍڙ،شبير احمد شيخ،انعام خان بلو،ميان عابد انڍڙ،غلام قادر شيخ،تقي خان ڌاريجو ،ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو پنھنجي ڀائيٽي ايم اين اي ڊاڪٽر شازيه اسلم سومرو سان گڏ سکر روانو ٿي ويا، ڪراچي ۾ نذير سومرو،ممتاز منڌرو،عبدالغفور شيخ، ظفر جهنڊير خيرپورناٿن شاھ ۾ محمد هاشم لانڊر، شبير گاڏهي، قربان سيال ٽنڊو محمد خان ۾ اڳواڻن ، قمبر ۾  ڌرڻي جي اڳواڻي پ پ ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو، لياقت گوپانگ، اقبال يوسف بروھي، رياض الدين ابڙو ۽ ٻين ڪئي، شڪارپور ۾  ظفر شيخ، وسيم الدين صديقي، اي ڪي لاشاري، ذھير ڊريھو، تاج ٻرڙو، اقبال عباسي، جميل شيخ ۽ غلام مصطفي ڀٽو مٺي ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي،انجنيئر گيان چند،قاسم سراج سومرو،فقير شير محمد بلالاڻي،سينيٽر ڪرشنا ڪماري،دوست محمد راهمون، پونجو مل ڀيل،نند لال مالهي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.