سوئي گئس جي برطرف ملازمن جا مظاهرا، 13سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان

حيدرآباد/لاڙڪاڻو(رپورٽ؛ اعجاز چانڊيو+مرتضيٰ ڪلهوڙو) پيپلز ليبر بيورو سنڌ، سوئي سدرن گئس ڪمپني سميت وفاقي ادارن مان برطرف ٿيل هزارين ملازمن جي بحاليءَ لاءِ 13 سيپٽمبر تي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي تاريخي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سيد فياض علي شاهه بخاري  حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پ پ ليبر بيورو سنڌ جي نائب صدر لال بخش ڪلهوڙو، برطرف ملازم ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ ذوالفقار قادري، اڪبر ميمڻ، خالد قمبراڻي، بشير ٻگهيو، اعظم راجپوت، قذافي بيگ، راجا سمون ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عدالتي حڪم تي سوئي سدرن گئس ڪمپني، سوئي نادرن گئس پائيپ لائن ڪمپني، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان اسٽيٽ آئل، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن پاڪستان، آئي بي، پورٽ قاسم، وفاقي وزارت تعليم، پي پي ايل سميت پاڪستان جي مختلف وفاقي ادارن مان 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪري معاشي قتل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ برطرف ملازمن ۾ اڪثريت سنڌ جي آهي، جن ۾ ڪلارڪ، ڪمپيوٽر آپريٽر، ڊرائيور، سئيپر، نائب قاصد، اسڪول ٽيچر به شامل آهن،  هن چيو ته برطرف ڪيل ملازمن کي شهيد بينظير ڀٽو جي 1993ع کان 1996ع جي دوران حڪومتي دور ۾ ريڪروٽمينٽ پاليسي تحت ڀرتي ڪيو ويو هو، جن کي 1997ع ۾ برطرف ڪيو ويو،،هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي، جڏهن ته ضياءَ، نواز ليگ، مشرف ۽ عمران خان عوام کان روزگار کسيو آهي،  هوڏانهن برطرف ملازمن پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون فياض علي شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو پڻ هنيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي برطرف ملازمن ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي اٺين ڏينهن به پنهنجي بحالي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي برطرف ملازمن عبداللطيف سانگي، الطاف سرهيو، ارشد ڀٽو، منور علي کوکر، رياض جمالي، شاهد ڇڄڙو، شاهد ابڙو، غلام محمد، شير محمد ابڙو، رفيق احمد شيخ، غضنفر لاهوري، غلام عباس بلوچ، غلام حيدر سولنگي، اطهر گوپانگ، ممتاز ڀٽو، طالب حسين بگٽي ۽ ٻين چيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي بک هڙتال ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.