پ پ خاموشي سان ”طاقتور حلقن “سان لاڳاپا وڌائڻ لڳي

اسلام آباد(م ڊ) سياسي بساط وڇائجي چڪي آهي، پر ڪهڙو سبب آهي جو پ پ پتا کيڏڻ ۾ تڪڙ ڏيکاري رهي آهي، ناليواري تجزئي نگار عاصمه شيرازي بي بي سي اردو تي پنهنجي ڪالم ۾ تجزيو ڪندي لکيو آهي ته بلاول جي تازو سنڌ مان شروع ٿيندڙ ” تحريڪ“ ۽ شهبازشريف سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ پنجاب جي عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي ” اپيل“ ۾ اهو يقين ڇو موجود آهي ته چونڊون تمام ويجهيون آهن؟ پ پ خاموشي سان هڪ پاسي تنظيم سازي، ٻئي پاسي مقتدر حلقن سان لاڳاپن جي بحالي ۽ ٽئين پاسي عالمي منظرنامي ۾ موجود ممڪنات کي نظر ۾ رکيل آهن، ڪراچي ۾ سياسي خال کي ڀرڻ ۾ مصروف پ پ ڏکڻ پنجاب جي سياست ۾ امڪاني جوڙ توڙ تي به نظر رکيو ويٺي آهي، هن لکيو ته بلاول نه رڳو سرگرم آهي بلڪه آصف زرداري جي طئي ڪيل هدفن ڏانهن خاموشي سان وڌي رهيو آهي، پنجاب ۾ جيتوڻيڪ پ پ کي اهم چئلينج پيش آهن، خاص طور تي وچ پنجاب ۽ مٿئين پنجاب ۾ پ پ جو وجود نه هئڻ برابر آهي، اتي مخصوص حلقن ۽ ق ليگ سان گڏجي ” هوم ورڪ“ ٿي سگهي ٿو، ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ترين گروپ جو ڪردار ڇا هوندو؟

موجوده صورتحال، چونڊن کان اڳ احتساب جي نئين لهر، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊن جي چوري جي خدشي ۽ ميڊيا تي پابنديون رُٺل ن ليگ ۽ ناراض پ پ ۾ وڇوٽيون گهٽ ڪري سگهن ٿيون،شهبازشريف جو به قومي حڪومت بابت بيان رڳو حوال ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.