ٻن سالن ۾ خورشيد شاهه جون ٽيسٽون نه ٿي سگهيون: سيف الله ابڙو

راڻيپور(رپورٽ: عامر مهيسر) پاڪستان پيپلزپارٽي ڪرپشن جي بي تاج بادشاھ آھي، سنڌ اندر جيڪي به  مسئلا آھن، ان جو حل سنڌ حڪومت وٽ آھي، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ اندر پي ٽي آءِ کي وڏي ڪاميابي ملندي، اين آءِ سي وي ڊي اندر داخل خورشيد شاھ جون ٻن سالن دوران ٽيسٽون به  نه ٿي سگھيون، جنھن جي به  اسان ئي جان ڇڏرائي ته ھن کي جيل حوالي ڪري سٺو علاج فراھم ڪيو وڃي، اھڙن خيالن جو اظھار پي ٽي آءِ جي سينيٽر ۽ سيپڪو، حسيڪو جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي چئيرمين سيف الله ابڙو راڻي پور ۾ پير احمد علي شاھ جي رھائش گاھ تي صحافين سان ڳالھائيندي ھن وڌيڪ چيو ته ھتان جا ڊي سي ڪمشنر، ايس ايس پي سميت سمورا آفيسر ھتان جي ايم پي ايم اين اي جا بوٽ کڻي رھيا آھن. اھي عوام جا مسئلا ڪيئن حل ڪندا. مون مٿان ٿيل حملي جي ايف آءِ نه  داخل ڪئي وئي. ڪمشنر ڪراچي جي مقرري بابت ڪيل سوال جواب ۾ ھن چيو ته اھو فوتي ڪوٽا تي ڀرتي ٿي آيو آھي. ھڪ ڏينھن جي برسات سندس جا پول کولي ڇڏيا آھن. هن چيو ته اسين چاھيون پيا ته سوئي گئس جي برطرف ملازمن جون نوڪريون بحال ڪيون وڃن ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڳواڻ سيد طاھر حسين شاھ، امان قاضي ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.