”رياست جي سربراهه، فوج، عدالتن خلاف خبر تي بندش“ ميڊيا اٿارٽي جو مسودو

ڪراچي( م ڊ) پاڪستان ميڊيا ڊويلپمينٽ اٿارٽي پاران قومي مفاد، فوج، حڪمرانن، عدليه تي هلندڙ معاملن تي خبرون هلڻ جي منع هوندي، ويب ٽي وي، ويب سائيٽ لاءِ به اٿارٽي لائسنس يا ڪو اجازت نامو جاري ڪندي.  حڪومت ڪنهن به وقت اختياري کي ڪنهن معاملي تي اٿارٽي کي هدايتون جاري ڪندي، جنهن جي مڃڻ لاءِ هو پابند هوندي. پڌري ٿيل مسودي موجب ادارا اهڙو پروگرام نه هلائيندا، جيڪو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هوندو، تعصب يا ڪنهن تي الزامن جي تشهير تي بندش هوندي. ختياري سمورن اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا لاءِ لائسنس ڏيڻ لاءِ خاص حق رکندي. اختياري اخبارن جي سرڪيوليشن درجي بندي ۽ ٻين معاملن جي پڙتال ڪندي رهندي. اٿارٽي صدر جي طرفان مقرر ڪيل چيئرمين ۽ ٻارنهن ميمبرن تي ٻڌل هوندي. پي ڊي ايم اي اٿارٽي جو چئيرمين انفارميشن گروپ جي21 يا 22 هين  گريڊ جي آفيسرن تي ٻڌل هوندي.  11 ميمبرن مان 6 مشهور شهري ميمبر هوندا، جيڪي سڀني صوبن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي نمائندگي ڪندا. ميڊيا سيڪٽر ۾ ڪنهن جي به هڪ هٽي ۽ غير ضروري مرڪزيت ختم ڪرڻ به ذميواري آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف اٿارٽيون به جڙنديون، جيڪي رجسٽريشن، سرڪيوليشن، سالياني فيس ۽ ٻين معاملن جي آڊٽ ڪنديون، اهي اٿارٽيون ڪجهه شهرن ۾ به جوڙيون هونديون. پي ڊي ايم اي جي دائري ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ويب چينل، ڊجيٽل ميڊيا، ويب سائيٽون، آن لائن اشاعتي ادارا به ڏنا ويا آهن، جن کي هدايتون جاري ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.