عدالت ۾ گرمي لڳڻ سبب خورشيد شاهه اي سي واري گاڏي ۾ وڃي ويٺو

سکر(رپورٽ:شفيع محمدابڙو) آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس ۾ گرفتار سيد خورشيد شاهه سندس پٽ فرخ شاهه ۽ ٻين خلاف  داخل ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت سکر ۾ جج فريد انور قاضي جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه کي ايمبولينس ۽ سندس پٽ ايم پي اي فرخ شاهه کي بڪتر بند گاڏي ۾ جيل مان عدالت پيشي لاءِ آندو ويو، ريفرنس ۾ شامل ٻيا جوابدار به پيش ٿيا، خورشيد شاهه جي پيشي دوران پوليس اٽالا احتساب عدالت ٻاهران سڪيورٽي لاءِبيٺل  رهيا،نيب سکر پاران خورشيد شاهه سندس گهرڀاتين ۽ ٻين خلاف هڪ ارب 23 ڪروڙ کان وڌيڪ جو ريفرنس داخل ڪرايل آهي،احتساب عدالت ۾ پيشي دوران خورشيد شاهه گرمي لڳڻ سبب عدالتي احاطي مان ٻاهر نڪري آيو خورشيد شاهه کي اويس شاهه جي اي سي واري گاڏي ۾ ويهاريو ويو،عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ريفرنس جي ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،جڏهن ته ان کان اڳ سيد خورشيد شاهه  عدالت جي اجازت بعد طبيعت خراب ٿي پوڻ سبب پٽ فرخ شاهه سان گڏ واپس جيل هليو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.