ايڊووڪيٽ جنرل طلب، سنڌ ۾تعليم تباهه آهي، ادارن تي پئسو ڇو نٿو لڳايو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سنڌ۾ تعليمي معيار ۽ ايڪٽ 2013ع کي چيلنچ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پنهنجي  رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ ۾ تعليمي ادارن تي پئسيو ڇو نٿو لڳايو  وڃي.5 سالن  ۾اربن رپيا خرچ ڪيا ته هو نظر نٿا اچن. اسڪولن ۾ ڪهڙيون سهولتون موجود نه آهن.  دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ تعليمي ادارن جو اهڙو حال هوندو جهڙو حال هٿان جي ادرن جو آهي،  عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين کي 19 آڪٽوبر تائين طلب ڪندي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ۾ درخواستگذار جسٽس هيلپ لائن جي سربراهه ايڊووڪيٽ نديم شيخ جو چوڻ آهي ته ٻارڙن لاءِ اسڪولن پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي. اسڪولن تي مافيا جو قبضو آهي . جڏهن سنڌ سرڪار چوي پئي اسان اسڪولن جي حالت کي بهتر ڪئي آهي .77سيڪڙو اسڪولن ۾  سهولتون ناهن. ياد رهي ته جسٽس هيلپ لائن جي علاوه فيڪس اٽ جي باني قومي اسمبيلي جي ممبر عالمگير خان سميت ٻين درخواستون داخل ڪيون هيون .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.