جيڪب آباد ۾ وفاق جي زيادتين خلاف پ پ جو باءِ پاس تي ڌرڻو،قومپرستن کي ساٿ جي اپيل

 جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ پيپلز پارٽي پاران وفاق جي زيادتين ۽ مهانگائي خلاف باء پاس زيرو پوائنٽ تي سوين ڪارڪنن پاران شاميانا لڳائي سپر هاء وي تي ٻنهي پاسن کان ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي صورت ۾ پهتل سوين ڪارڪنن پاران وفاق جي زيادتين خلاف نعري بازي ڪئي انهي موقعي پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر نثار کهڙو ڪارڪنن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق سنڌ جي عوام سان انتهائي ناانصافيون ڪري رهيو آهي مهانگائي عروج تي پهتي آهي هن چيو ته  وفاق سنڌ جو پاڻي. بجلي گيس بند ڪري سنڌ جي عوام سان ظلم ڪيو آهي هن چيو ته آدم شماري ۾ سنڌ جا انگ اکر تسليم نه ڪيا ويا انهي ڪري ته جئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو گهٽ ملي وفاقي وزير چيف سردار محمد ميان سومرو صاحب جي انهي بيان جي مذمت ڪيون ٿا جنهن ۾ هن بنگالين جي ملڪيت کي سنڌ بدران وفاق حوالي ڪرڻ جو چيو آهي صوبائي صلاحڪار اڳوڻي ايم اين اي  اعجاز جکراڻي خطاب ۾ چيو ته ارسا 91 واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه پئي ڪري ان وقت به اسان ٺاهه جي مخالفت ڪئي اسان سنڌ جا حق ڇني وٺنداسون هن سنڌ جي قوم پرستن کي دعوت ڏيندي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ قوم پرست پارٽيون اسان سان  گڏ ٿي جدوجهد ڪن هن چيو ته وفاق پاران جيڪا مهانگائي ڪئي وئي آهي يا سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي انهي جي مذمت ڪيون ٿا ڌرڻي کي ايم پي اي ڳڙهي خيرو ممتاز جکراڻي ۽ ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سهراب  سرڪي خطاب ڪندي چيو ته وفاق جي زيادتين ۽ مهنگائي سنڌ جي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي،ان کان اڳ  لياقت  لاشاري. علي نواز  پنهور. سردارزاده حنيف خان بليدي.عارب دايو. بهادر مغيري ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته ڌرڻي ۾ مير آزاد خان جکراڻي. ولي جکراڻي .هاري ونگ جي  معشوق جکرو. صديق لهر جهانگير کوسو.ديدار جکراڻي. شمع جمالي سميت سوين پارڻي عهديدارن عورتن شرڪت ڪئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.