ٽي ٽي پي پاران ميڊيا کي سنگين ڌمڪي، ڳڻتي جي لهر

اسلام آباد(م ڊ) پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان پاران ميڊيا کي وارننگ جاري ڪرڻ تي انساني حقن جي تنظيمن ۽ صحافي برادري ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي، انهن حڪومت کي چيو آهي ته اها ڌمڪي کي سنجيدگي سان وٺي ۽ کين فوري طور تي تحفظ فراهم ڪري، طالبان جي ترجمان محمد خراساني پنهنجي تازي بيان ۾ صحافين کي خبردار ڪيو آهي ته اهي رياست ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ ۾ رياست جي طرفداري نه ڪن ۽ ان ۾ ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪن، هن مطالبو ڪيو ته صحافتي برادري ٽي ٽي پي وارن کي عسڪريت پسند يا دهشتگرد نه لکي، ايڇ آر سي پي جي اسد بٽ چيو ته حڪومت کي انهن ڌمڪين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڊي ڊبليو سان ڳالهائيندي هن چيو ته صحافي اڳ ئي خطرن کي  منهن ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته افغان طالبان جي ڪاميابي سان ئي ٽي ٽي پي جا حوصلا وڌيا آهن ۽ اهي هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن، پي ايف يو جي جي ناصر ملڪ چيو ته ان ڌمڪي جي ڪري صحافي برادري عام طور ۽ ڪي پي ۽ بلوچستان جي صحافين جون زندگيون خاص طور تي سخت خطرن جي ور چڙهي ويون آهن، حڪومت صحافين جي لائيف ۽ هيلٿ انشورنس جي حوالي سان فوري طور تي قانونسازي ڪري، سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي افضل علي شگري چيو ته حڪومت کي ميڊيا هائوسز جي نگراني سخت ڪرڻ گهرجي، صحافين کي پنهنجي چرپر جي حوالي سان محتاط رهڻ گهرجي، لڳي ٿو ته ٽي ٽي وارا پنهنجيون ڪارروايون تيز ڪندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.