پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن.

آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي مقرر ڪيو ويو آهي، هو چيف آف جنرل اسٽاف جا فرض انجام ڏئي رهيو هو، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل محمد چراغ حيدر کي ڪور ڪمانڊر ملتان مقرر ڪيو ويو آهي، هو ڊي جي جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز فرض انجام ڏئي رهيو هو.

پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي، هو ڪور ڪمانڊر راولپنڊي فرض انجام ڏئي رهيو هو ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد وسيم اشرف جي ڊي جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز مقرر ڪيو ويو آهي، هو ڪور ڪمانڊر ملتان فرض انجام ڏئي رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.