پي ٽي آءِ جا 3 سال، 48 سيڪڙو پاڪستاني اڃا به حڪومت مان خوش

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي مان 48 سيڪڙو پاڪستاني خوش نظر آيا آهن.

گيلپ پاڪستان عوام جي راءِ تي ٻڌل نئين سروي جاري ڪئي آهي، جنهن موجب 69 سيڪڙو عوام ڪورونا وبا خلاف حڪومتي ڪارڪردگي ۽ 58 سيڪڙو ماڻهو پرڏيهي پاليسي تي حڪومتي ڪوششن مان به مطمئن نظر آيا.

سروي موجب معاشي محاذ تي 45 سيڪڙو ماڻهو حڪومتي ڪوششن مان مطمئن ته 44 سيڪڙو غير مطمئن نظر آيا، جڏهن ته ڪرپشن جي خاتمي ۾ 48 سيڪڙو حڪومت کي ڪامياب ۽ 40 سيڪڙو ناڪام قرار ڏنو.

وزيراعظم عمران خان جي ٽن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي مان 48 سيڪڙو پاڪستاني خوش ۽ 45 سيڪڙو ڪاوڙيل نظر آيا، جڏهن ته 70 سيڪڙو پاڪستانين تحريڪ انصاف حڪومت جا 5 سال پورا ٿيڻ جي اميد جو اظهارڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.