خوبصورتي جو گهريلو ٽوٽڪو

 

عورتون گهڻي قدر خوبصورت نظر اچڻ لاءِ پريشان هونديون آهن ۽ ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ اهي وڏو وقت پارلز کي ڏينديون آهن پر اڄڪلهه جي مصروف دور ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پارلر تي وقت ڏيڻ ڪنهن وٽ آهي؟

پارلر تي ويندڙ عورتون لڳاتار پارلر تي ئي وڃن تڏهن انهن جي اها مختلف ڪيميڪل مليل ڪريمن سان خوبصورتي برقرار رکي سگهنديون آهن جيڪا به پڻ وقتي هوندي آهي.

خوبصورتي ته قدرت جو تحفو آهي جيڪو ماڻهو قدرتي طور خوبصورت هوندو آهي انکي ڪنهن به پارلر جي ضرورت ناهي پوندي.

پارلر تي ويندڙ عورتون ٿوري لاءِ پاڻ کي خوبصورت ته بڻائي سگهنديون آهن پر اهو انهن جي لاءِ گهڻي وقت لاءِ نقصان ڪار ۽ چمڙي جي مختلف بيمارين جو سبب به بڻجي سگهي ٿو ۽ لڳاتار پارلر تي وڃڻ سان ٿوري عرصي کانپوءِ عورتن جي چمڙي خراب ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي پوءِ جيڪڏهن اهي پارلر ته نه وينديون ته انهن جي چمڙي اڳ کان به خراب نظر ايندي آهي.

ان کانسواءِ پارلر تي وڃڻ ڳرا خرچ برداشت ڪرڻ هڪ الڳ مسئلو آهي.

عورتن کي گهرجي ته پارلرن جو رخ ڪرڻ بدران پنهنجي گهر ۾ موجود قدرتي شين سان پنهنجي چمڙي کي صاف ۽ خوبصورت بڻائين.

ائين ڪرڻ سان عورتون نه رڳو ڳرن خرچن مان بچي پونديون پر انهن جي چمڙي تي جيڪي ڪيميڪل مليل ڪريمن جي استعمال سبب نقصان پوندا انهن کان به بچي سگهجي ٿو.

اسان هتي توهان لاءِ هڪ اهڙو گهريلو نسخو آندو آهي جنهن جي مدد سان توهان پارلر مان هميشا لاءِ جند ڇڏائي پنهنجو پاڻ کي قدرتي شين سان قدرتي طور خوبصورت بڻائي سگهن ٿيون.

چمڙي تي گهڻي خشڪي هجڻ به وڏو مسئلو آهي جنهن جي ڪري چمڙي ٿوري ئي عرصي ۾ خراب ٿي ويندي آهي ۽ ماڻهو وڏي عمر جو لڳڻ لڳندو آهي.

عورتن توڙي مردن لاءِ چمڙي جي خشڪي، چمڙي جي داغن، رنگ جو ڪارو هجڻ توڙي چهرو خوبصورت نه هجڻ لاءِ هتي اسان توهان کي هڪ بهترين ٽوٽڪو ٻڌائينداسين جنهن جي استعمال سان توهان نه رڳو خوبصورت نظر ايندا پر پنهنجو رنگ صاف ۽ ڀورو ڪري پنهنجي چمڙي کي بيمارين ۽ ٻين نقصانن کان بچائي سگهو ٿا.

شيون

زيتون جو تيل

گلاب جو عرق

ليمي جو عرق

رڳو انهن ٽن سولي شين جي استعمال سان توهان قدرتي طور خوبصورت نظر اچي سگهو ٿا ۽ هميشا لاءِ پارلز مان جند آجي ڪرائي سگهو ٿا.

استعمال

ٽنهي کي پنهنجو پاڻ ۾ درست نموني ملائي وٺو.

پوءِ اهو روزاني جي بنيادن تي رات جو سمهڻ کان اڳ لڳائي ڇڏيو، صبح جو سوير اٿڻ سان توهان پنهنجو چهرو صاف پاڻي صاف ڌوئي ڇڏيو ڪجهه ڏينهن جي لڳاتار استعمال سان توهان جو چمرو خوبصورت بڻجي ويندو ۽ توهان ۾ قدرتي خوبصورتي اچي ويندي جيڪا يقينن لاءِ ماڻهن لاءِ حيران ڪندڙ هوندي.

ان کانسواءِ ميٽ، گلاب جو عرق، هيڊ ۽ ليمي جو رس ملائي منهن توڙي چمڙي تي هڻڻ سان به خوبصورتي حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ چهري کي رونقدار بڻائي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.