گھوڙاٻاري ، کپرو ، خيرپور ، ميھڙ ۽ قاضي احمد جون خبرون

گھوڙاٻاري: جي يو آءِ  پاران تحفظ ختم نبوت جي سلسلي ۾ يوم الفتح جي نالي سان ريلي

کپرو: ڳوٺ جي معزز خلاف قتل جي ايف آئي آر داخل ٿيڻ خلاف رهواسين جو مظاهرو

خيرپور: راڻيپور جي رهواسي انجنيئر ۽ ٻين پاران زمين تي قبضي جون دانهون

پ پ تعلقي ميهڙ پاران  مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

قاضي احمد: ڳوٺ محمد چانڊيو جي رھواسين پاران بااثرن جي زيادتين جون دانهون

1

گھوڙاٻاري  ۾ جي يو آءِ  پاران تحفظ ختم نبوت يوم الفتح جي نالي سان ھر سال وانگر  هن  7 سيپٽمبر تي به  يوم الفتح طور تي ور شهر ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل جي يو آء اڳواڻن ۽ مذھبي ڪارڪنن پاران سخت نعري بازي ڪئي وئي ، ان موقعي تي  مولانا عاطف اسلم چانڊيو مولانا غلام نبي خشڪ مولانا انور چانڊيو مولانا يوسف درس حافظ درس يعقوب درس يعقوب تنيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي آئين مطابق 1974ع ۾ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو ويو هو، کين انهن جي  عھدن تان برطرف ڪيو وڃي ۽ انھن جي تبليغ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي ۽ انهن جي مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

2

کپرو ۾ ڳوٺ جي معزز خلاف قتل جي ايف آئي آر داخل ٿيڻ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي . ڳوٺاڻن فضل منڱريو. محمد خان آريسر . محمد بخش چانيهون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کپرو جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ درس ۽ چانيهان برادري جي ماڻھن ۾ ڳوٺ حيات آباد مٿوڻ ۾ پلاٽ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو هيو جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب امام بخش درس قتل ٿي ويو هيو جنهن جي قتل جي ايف آئي آر ۾ مقتول جي وارثن ڳوٺ جي معتبر محمد حيات چانيهون جو نالو ڏياريو هو  جڏهن ته حيات چانيهون جهيڙي دوران واقعي واري جاءِ تي موجود به نه هيو، هنن وڌيڪ چيو ته کاهي پوليس اسان جي ڳوٺن تي هرروز چڙھايون ڪري رهي آھي، هنن وس وارن کان انصاف جي گهر ڪئي آھي۔

3

راڻيپور جي رهواسي انجنيئر اسد علي چوهاڻ ، علي ڏنو ، نياز علي چوهاڻ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته علائقي جا بااثر قبضا مافيا  جوابدار الهبچايو چوهاڻ، سليم ،شهبازي ۽ سندن ساٿي هٿياربند اسان جي 20 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪا زمين ديهه راڻيپور روڊ  تي  واقع آهي، هنن ٻڌايو ته امتياز علي ۽ نياز علي چوهاڻ  البچايو چوهاڻ کان اها زرعي زمين سال 2003 ۾ خريد ڪئي هئي، جنهن جو قبضو ۽ کاتو پڻ اسان وٽ موجود آهي، پر بااثر قبضا مافيا گينگ جا ماڻهون فراڊي آهن جيڪي زمينن تي قبضو ڪري ڀتو وٺندا رهندا آهن، هنن ٻڌايو ته قبضا مافيا پويان بليڪ ميلرن جا وڏا هٿ شامل آهن، جيڪي خونريزي ڪرائڻ چاهين ٿا هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

4

پ پ پ تعلقي ميهڙ طرفان پ پ  جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاھ خلاف ڪيس داخل ڪري کيس مسلسل قيد ۾ رکڻ خلاف پريس ڪلب ميھڙ آڏو احتجاج ڪيو ويو، انموقعي تي  پ پ پ تعلقي ميھڙ جي  جنرل سيڪريٽري محراب خان  لاکير، پ پ سينر ناءب صدر تعلقو ميھڙ بابر اعجاز سھول ضلع ڪوآڊينيٽر جميل احمد مھيسر ۽ ٻين احتجاج ڪندي  چيو ته پ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه مٿان بنا جواز ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آھي، ھنن نيب ۽ وفاقي حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجو قبلو درست ڪري  نه ته هي احتجاج  جو سلسلو پوري پاڪستان ۾ شروع ڪيو ويندو.

5

قاضي احمد لڳ ڳوٺ محمد چانڊيو جي رھواسي مٽلا خان چانڊيو، محمد رحيم چانڊيو ،عبدالغفور چانڊيو بااثرن جي ظلم خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بااثر اسماعيل چانڊيو منٺار چانڊيو ممتاز چانڊيو اسان جي گھرن ۾ گھڙي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻچڙن تي تشدد ٿا ، ڪجھ وقت اڳ ۾ به  اسان جي گھرن تي حملو ڪيو هو  جنھن جي درخواست اسان ايس ايس پي شھيدبينظيرآباد کي ڏني جنھن کان پوء اھا قاضي احمد ٿاڻي تي پھتي جنھن جي جانچ پريل ڪلھوڙي وٽ ھئي ۽ جمعدار پريل ڪلھوڙو بااثر ۽ ڏوھاري قسم جي ماڻھن چي مدد ڪري اسان کي ھيسائڻ لڳو ۽ اسان کي ڳرن نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ۽ جوابدارن کي ھن وقت تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ھڪ ڀيرو ٻيھر بااثر جوابدار اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي عورتن ، مردن ۽ معصوم ٻچن تي تشدد ڪن ٿا، هنن  ڊي آء جي شھيدبينظيرآباد ايس ايس پي شھيدبينظيرآباد ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد کي اپيل ڪئي ته انهن سان انصاف ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.