ڪرنٽ لڳڻ سان فوتگيون، سيپڪو تي وڏو ڏنڊ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪرنٽ لڳڻ سبب شهرين جي موت تي سيپڪو تي وڏو ڏنڊ هڻي ڇڏيو.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ 2019 کان نومبر 2020 دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 20 ڄڻن جو موت ٿيو.

نيپرا ٻڌايو ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ 20 مان 11 فوتگين جو ذميوار سيپڪو کي قرار ڏنو ويو، انهن 11 فوتگين ۾ 4 سيپڪو ملازم ۽ 7 عام شهري هئا.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي نيپرا موجب ڪرنٽ لڳڻ سان ٿيندڙ فوتگين تي سيپڪو تي 2 ڪروڙ 80 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.