ڪراچي ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ ميِنهن وسندو، موسميات کاتي جي اهم آگاهي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ مينهن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

ڪراچي ۾ گذريل هفتي تيز برساتن کانپوءِ اڄ صبح به شهر جي مختلف شهرن ۾ مينهن وسيو، جڏهن ته موسميات کاتي وڌيڪ مينهن جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته وچ ڀارت ۾ موجود هوا جو گهٽ دٻاءُ اولهه ڏانهن وڌي رهيو آهي، ان سسٽم جي اثر هيٺ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ اڄ کان 11 سيپٽمبر تائين کنوڻ سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته ميرپورخاص، سانگهڙ، بدين ۽ ٺٽي ۾ به 11 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو ته سڀاڻي رات کان 11 سيپٽمبر تائين ڪراچي ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته حيدرآباد، ڄامشوري ۽ ميرپورخاص ۾ به 11 سيپٽمبر تائين مينهن وسي سگهي ٿو.

موسميات کاتي طرفان سکر، لاڙڪاڻي، دادو، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ به 9 کان 11 سيپٽمبر دوران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.