”عدالتي نظام تي عوام جي بي اعتمادي آمر ۽ جابر قوتن لاءِ سازگار هوندي آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سستو ۽ تڪڙو انصاف هر شهري جو بنيادي حق ۽ رياست جي ذميواري آهي.

ضلعي عدالتن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته 6 ڏهاڪن ۾ عدالتي نظام جي سڀ کان اهم جُز کي نظرانداز ڪيو ويو، اسلام آباد جي ضلعي عدالتون 4 ڏهاڪا اڳ واپاري مرڪز ايف ايٽ ۾ قائم ڪيون ويون، انهن ضلعي عدالتن ۾ نه سائلن لاءِ ۽ نه وري ججن ۽ وڪيلن لاءِ مناسب انتظام هو.

هن چيو ته ضلعي عدالتون ڪمزور طبقن ۽ شهرين جي حقن جي تحفظ جون ضامن آهن، تحقيقاتي ادارا پنهنجا فرض ايمانداري سان نڀائن ته مظلوم جي داد رسي ممڪن آهي، قانون ۽ آئين جي بالادستي سان ڪمزور طبقن جي حقن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اهو به چيو ته عدالتي نظام تي عوام جو اعتماد نه هجي ته ماحول آمر ۽ جابر قوتن لاءِ سازگار هوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.