بلاول ۽ مريم ڌانڌلي ذريعي کي وزيراعظم بڻجي سگهن ٿا: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري هڪ ڀيرو به ڌانڌلي بنا چونڊون نه کٽيون.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ڌانڌلي ذريعي ئي وزيراعظم بڻجي سگهن ٿا، تنهن ڪري انهن جي چونڊ سڌارن ۾ ڪا دلچسپي ناهي.

هن چيو ته نواز شريف يا ن ليگ ڪڏهن چونڊ سڌارن جي ڳالهه نه ڪئي، حڪومت جيڪا به سڌارا آڻي ٿي، اهي گهر ويٺي چئي ٿا ڇڏين ته اسان کي قبول ناهن، انهن کي نه ووٽنگ مشين ڏسڻ ۾ دلچسپي آهي نه تجويزون ٿا ڏين، بدقسمتي سان اهڙن ماڻهن کي چوڻو پئجي رهيو آهي ته اچو گڏجي هلون.

سندس چوڻ هو ته عمران خان جي واحد حڪومت آهي، جيڪا چونڊ سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، اسان عوام جي مدد سان چونڊ سڌارا آڻينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.