سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 35 حياتيون کسي ورتيون، هزار 21 نوان ڪيس

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1021 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته صوبي ۾ هيل تائين ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 439770 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو مجموعي انگ 7030 تي پهچي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 914 مريض صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 384369 ٿي ويو آهي.

سيد مراد علي شاهه موجب صوبي ۾ سامهون آيل 1021 نون ڪيسن مان 412 جو واسطو ڪراچي سان آهي، ضلعي اوڀر ۾ 127، ڏکڻ ۾ 107، سينٽرل ۾ 66، ملير ۾ 45، ڪورنگي ۾ 44 ۽ اولهه ضلعي ۾ 23 نوان ڪيس سامهون آيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.