حيدرآباد: پيپلز ليبر بيورو پاران جبري برطرفين خلاف 13سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان

پيپلز ليبر بيورو سنڌ سوئي سدرن گئس ڪمپني سميت ٻين ادارن مان عدالتي حڪم تي برطرف ٿيل هزارين ملازمن جي بحاليءَ لاءِ 13 سيپٽمبر تي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي تاريخي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سيد فياض علي شاهه بخاري حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پ پ ليبر بيورو سنڌ جي نائب صدر لال بخش ڪلهوڙو، برطرف ملازم ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ ذوالفقار قادري، اڪبر ميمڻ، خالد قمبراڻي، بشير ٻگهيو، اعظم راجپوت، قذافي بيگ، راجا سمون ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عدالتي حڪم تي سوئي سدرن گئس ڪمپني، سوئي نادرن گئس پائيپ لائن ڪمپني، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان اسٽيٽ آئل، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سميت 72 وفاقي ادارن مان 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪري معاشي قتل ڪيو ويو آهي، هزارين خاندانن جو معاشي قتل عدالتي قتل آهي، سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ برطرف ملازمن ۾ اڪثريت سنڌ جي آهي، هنن چيو ته پ پ ليبر بيورو پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي هدايت پارٽي پاليسي جي روشني ۾ ملازمن جي بحالي لاءِ آئيني ۽ قانوني توڙي جمهوري جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي،هوڏانهن برطرف ملازمن پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون فياض علي شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو پڻ هنيو ويو،.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.