ميرپورخاص: آبپاشي کاتي ۾ مبينا نوڪريون وڪرو ڪرڻ ۽ سن ڪوٽا بحال نھ ٿيڻ خلاف مظاهرو

ميرپورخاص. آبپاشي کاتي ۾ مبينا نوڪريون وڪرو ڪرڻ ۽ سن ڪوٽا بحال نھ ٿيڻ خلاف ايريگيشن يونين جي سڏ تي ملازمن پاران وڏي ريلي ڪڍي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي صحافين اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن نور محمد مري ،حاجي قادر مھر، جاويد بلوچ، مرتضيٰ لغاري ۽ ٻين چيو تھ آبپاشي کاتي ۾ سياسي آشير واد سان ڊائريڪٽر نارا ڪئنال پاران پئسن عوض ڀرتيون ڪيون پيون وڃن جيڪا سراسر زيادتي آھي ، ھنن الزام ھڻندي چيو تھ ھن وقت تائين 300 کان وڌيڪ بيلدار، ، خلاصي، داروغا، سب داروغا، مالھي ۽ ٻين پوسٽن تي ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا آھن جنھن ۾ سنڌ کان ٻاھر جا ماڻھو پڻ شامل آھن جيڪا سراسر  زيادتي آھي جڏھن تھ ملازمن  جي سن ڪوٽا بحال نھ ڪرڻ وڏو ظلم آھي، ھنن چتاءٌ ڏيندي چيو تھ فوري طور ڪيل آرڊر رد ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اھڙي غير قانوني عمل خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.