انيل ڪپور کي وڏو وزير بڻئي 20 سال گذري ويا

 

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا انيل ڪپور جو ڳانڻاٺو باليووڊ جي وڏي ستارن ۾ ٿيندو آهي، انيل ڪپور جون ڪيتريون ئي فلمون هٽ وڃي چڪيون آهن.

ڪپور خاندان وڏي عرصي کان باليووڊ ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائيندو ايندو آهي، انيل ڪپور جي خاندان مان هاڻي سندس ڌيءَ سونم ڪپور باليووڊ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي آهي.

جيئن ته انيل ڪپور هن وقت تائين ڪيترن ئي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي ۽ هن 20 سال اڳ جي پنهنجي تجربي جي حوالي سان هڪ پيغام جاري ڪيو آهي.

انيل ڪپور 20 سالن کانپوءِ ان فلم ۾ پنهنجي نڀايل ڪردار تي خوشي محسوس ڪندي هڪ بيان جاري ڪيو آهي.

20 سال اڳ انيل ڪپور ”نائيڪ“ فلم ۾ ڪم ڪيو هو ان فلم کي رليز ٿئي 20 سال گذرڻ تي انيل ڪپور پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته هو هڪ ڏينهن جي لاءِ اداڪاري واري زندگي ۾ وڏو وزير بڻيو هو ۽ هاڻي سڀ ڪجهه ماضي ٿي ويو آهي.

واضح رهي ته فلم ۾ انيل ڪپور پنهنجي ڪردار ۾ پهريون هڪ ڏينهن جو وڏو وزير بڻيو هو جنهن کانپوءِ چونڊ ۾ ڪاميابي بعد مستقل طور وڏو وزير بڻيو هو.

مداحن طرفان ان فلم جي ڪهاڻي، ان جي پيغام ۽ انيل ڪپور سميت ٻين اداڪارن جي پرفارمنس کي به ساراهيو ويو هو.

ان سان گڏ فلم ۾ راني مکرجي، پاريش راول ۽ سورڳ واسي امريش پوري سميت ڪيترن ئي ناليوارن اداڪارن پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا.

فلم کي 20 سال پورا ٿيڻ کانپوءِ خوشي جو اظهار انيل ڪپور سوشل ميڊيا تي فلم جي هڪ اسڪرين شاٽ کي شيئر ڪندي ڪيو.

پنهنجي پيغام ۾ انيل ڪپور لکيو ته 20 سال اڳ فلمي زندگي ۾ وڏو وزير بڻيو هئس، باقي ته تاريخ آهي.

اداڪار اهو به چيو ته نائيڪ فلم ڪرڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن جي منهنجي بابت راءِ مختلف هئي، پر مونکي خبر هئي ته مونکي اها فلم ڪرڻي آهي ۽ مونکي ان فلم جي پيغام تي ڀروسو هو ۽ اڄ اسان هتي فلم کي 20 سال پورا ٿيڻ تي خوشي ڪري رهيا آهيون.

ڄاڻايل فلم ۾ انيل ڪپور بنيادي طور هڪ ايماندار صحافي ”شواجي رائو“ جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي کُهرا سوال پڇڻ ۽ انٽرويو مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙ وڏي وزير هڪ ڏينهن لاءِ وڏو وزير بڻجڻ جي آڇ ڪئي هئي.

ان آڇ جو مقصد اهو ڄاڻڻ هو ته هڪ صحافي ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهي ته وڏي وزير کي ڪهڙن ڪهڙن مسئلن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي.

فلم ۾ انيل ڪپور وڏو وزير ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ماتحت رياست جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.