سامارو ، گھوٽڪي ، جروار ، سڪرنڊ ۽ ڪنڌڪوٽ جون خبرون

سامارو: هارين جي گهرن تي حملو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي:کير وڪرو ڪندڙ پورهيت ڳوٺ ويندي رستي مان گم،اغوا جو شڪ

جروار ۽ ڀرپاسي جي رهواسين پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو

سڪرنڊ : جي يو آءِ پاران 7 سيپٽمبر يوم فتح جي حوالي سان شاندار ريلي

ڪنڌڪوٽ: اي سيڪشن پوليس جي زيادتين خلاف 3 اهلڪارن جو مظاھرو

1

سامارو لڳ ديھ 30 هيرل جي ڳوٺ شيوارام ڏانو مالهي ۾رهواسي هارين جي گهرن تي هٿيار بندن حملو ڪري هوائي فائرنگ ڪري ڏني ۽ لٺون ۽ ڪهاڙيون هڻي  پرتاب پٽ لالو ڪولهي , جيٺو ڪولهي , شريمتي راجو ڪولهي زال جيٺو ڪولهي  , شريمتي جهيڻي زال  لالو سميت 5 ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا ,زخمين کي سول اسپتال عمرڪوٽ روانو ڪيو ويو ,زخمي ٻڌايو ته اسان جي ناٺي رميش ڪمار .پنهنجي ڀائرن داروغو ڪولهي,دادو ڪولهي  گينو ڪولهي ,ڪرمشي  پيءُ تماچي ڪولهي ۽ ٻين سان گڏجي گهرن تي حملو ڪيو ,هوائي فائرنگ ڪئي , لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي اسان کي زخمي ڪيو،هنن چيو ته بااثرن جي چوڻ تي  صوفي فقير پوليس ڪيس نٿي داخل ڪري ,اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي ,ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

02

گهوٽڪي ۾ کير وڪرو ڪندڙ پورهيت ڳوٺ ويندي رستي مان گم ٿي ويو، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو , گهوٽڪي جي ڳوٺ ٿاريو واسو جو رهواسي 55 سالا الف واسو گهوٽڪي کان کير وڪرو ڪري گذريل رات پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي مان گم ٿي ويو , ان حوالي سان الف واسو جي وارثن محمد عاقل واسو , امير بخش واسو , حاجي قيهر واسو ۽ ٻين گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪندي چيو ته گذريل رات الف واسو گهوٽڪي کان کير وڪرو ڳوٺ اچي رهيو هو ته رستي مان اغوا ٿي ويو , هنن چيو ته اهڙو اطلاع گهوٽڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ڏنو آهي پر پوليس اڃان تائين ڪجھ ناهي ڪيو , ان موقعي تي ڳوٺاڻن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته الف واسو کي فوري بازياب ڪرايو وڃي .

03

جروار۽ ڀرپاسي  جي رهواسين پاران پاڻي جي کوٽ خلاف جروار مائينر جي پُل تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، ڳوٺ محبوب ملڪ، ڳوٺ چاڪر خان گبول سميت ٻين ڳوٺن جا سوين رهواسي روڊن تي نڪري آيا ،ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن اسلم پتافي ،فرمان بوذدار  ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته جروار مائينر ۾ پاڻي نه ھُجڻ سبب اسان جو فصل سُڪي تباھ ٿي رھيو آھي ۽ چونڊيل نمائندن سميت ڪنھن به وس واري ۽ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن جي ڪن تي جون ء به نه ٿي چُري ، ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏھن ٿورو گھڻو پاڻي اچي به ٿو ته اھي به وس وارا ، بااثر ماڻھو پکا لڳائي پنھنجي پنھنجي فصل کي آباد ٿا ڪن ،هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن جروار مائينر ۾ ٻن ڏينھن اندر پاڻي نه ڇڏيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .

04

جمعيت علماءِ اسلام پاران 7 سيپٽمبر يوم فتح جي حوالي سان مولانا احسان الله موريجو ۽ حافظ عبدالرشيد پرهياڙ جي اڳواڻي ۾  سيال هوٽل کان شاندار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شهر کانسواءِ سڪرنڊ جي آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي ، ريلي شهر جي مختلف مُک چوراهن تان ٿيندي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي وڏي جلسي ۾ تبديلي وئي جنهن کي مفتي زين العابدين راهو ، حافظ عصمت الله کهڙو ، قاري گل محمد ، علي نواز پرهياڙ ۽ ٻين عالمن خطاب ڪندي چيو ته 7 سيپٽمبر وارو ڏينهن ڪاميابيءَ جو ڏينهن آهي جنهن  ڏينهن ان وقت جي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نبوت جي دعويٰ ڪندڙن قاديانين کي ڪافر قرار ڏنو ان ڪري ئي اسين ختم  نبوت زنده آباد جا نعرا لڳائيندا آهيون

5

ڪنڌڪوٽ ۾ اي سيڪشن پوليس جي زيادتين خلاف ٽن پوليس اھلڪارن پاران چانڊيا برادري سميت پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،ان دوران احتجاج ڪندي پوليس اھلڪارن محمد حنيف چانڊيو، محمد مراد چانڊيو ۽ حبيب اللّٰه چانڊيو ۽ ٻين چيو ته  اي سيڪشن ٿاڻي جو وڏو منشي ڪرسي جو ناجائز استعمال ڪري 6 سال اڳ پوليس ۾ نوڪريون وٺي ڏيڻ جي نالي تي ورتل 16 لک روپيا ھڙپ ڪرڻ لاءِ اسان مٿان ذاتي دشمني تي لھي آيو آهي ۽ اسان اسان مٿان ناحق ڪارنھن جو الزام ھنيو ، گذريل ڏينھن اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏو منشي سميت ٻين مرزانپور پاڙي ۾ اسان جي گھر مٿان بنا جواز چڙھائي ڪري گھر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري ٻن ماڻھن کي پڪڙي انهن مٿان 2 ڌار ڌار ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن اھڙي واقعي ۽ معاملي جي ايس ايس پي کي به شڪايت ڪئي وئي پر ڪو به ازالو نه ٿيو ، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪوڙا ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.