وزيراعظم ڪراچي واسين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ حڪومتون ڪراچي کي نظرانداز ڪنديون رهيون پر پي ٽي آءِ حڪومت ڪراچي ۾ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.

اهڙن خيالن جو اظهان هن رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر سان ملاقات دوران ڪيو.

ملاقات ۾ اسد عمر وزيراعظم کي ڪراچي جي ترقي لاءِ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منظوري جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاقي حڪومت پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ ماڻهن کي ٽراسپورٽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندي، ماضي ۾ حڪومتن ملڪ جي اقتصادي مرڪز ڪراچي کي نظرانداز ڪيو.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ روزگار لاءِ مزدورن ۽ افرادي قوت جي صنعتن تائين سولي پهچ حڪومت جي پهرين ترجيحن مان هڪ آهي.

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پارٽي معاملن، ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سان گڏوگڏ افغانستان ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي به گفتگو ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.