ڪنٽونمينٽ چونڊون: ضابطن جي ڀڃڪڙي تي تحريڪ انصاف جي ٽن ميمبرن کي نوٽيس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ڪنٽونمينٽ چونڊن جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي تحريڪ انصاف جي ٽن ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ڪراچي ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙين تي اليڪشن ڪميشن ايڪشن وٺندي پي ٽي آءِ جي 3 اڳواڻن سميت پ پ جي 2 اميدوارن کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب وفاقي وزير علي زيدي ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبرن فردوس شميم ۽ بلال غفار چونڊ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، علي زيدي خلاف ضابطن جي خلاف پارٽي اميدوار کي فنڊ جاري ڪيا ۽ چونڊ مهم جو حصو بڻيو، جنهن تي ان کان ٻن ڏينهن ۾ جواب گهريو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته پ پ اميدوارن فاروق علي ۽ منظور علي کي به ضابطن خلاف ڪم روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ٻنهي کان 24 ڪلاڪن ۾ جواب طلب ڪيو ويو آهي، چونڊ قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪنٽونمينٽ بورڊ فيصل ۾ رپورٽ ٿيون.

هوڏانهن اليڪشن ڪميشن طرفان ڪنٽونمينٽ اليڪشن 2021 لاءِ ميڊيا بابت ضابطا به جاري ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته ملڪ جي 42 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊون 12 سيپٽمبر تي ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.