اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران ڌماڪي ۾ ٻه اهلڪار شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دوسلي ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران اي آءِ ڊي ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ سپاهي ضياءُ اڪرم ۽ سپاهي مصور خان شامل آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ ڌماڪيدار مواد لڳائيندڙ دهشتگردن کي پڪڙڻ لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.