ڪراچي: ايس يو پي پاران ڌارين جي آبادڪاري سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڌارين  جي آبادڪاري، بحريا منصوبي  سميت سنڌ جي وحدت خلاف شروع ٿيندڙ هر منصوبي ، سيد زين شاهه سميت قومي ڪارڪنن تي ڪيس  داخل ڪرڻ خلاف  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ، ايس يو پي ضلع حيدرآباد پاران پريس ڪلب سامهون خدا بخش ٿيٻو، غفار چانڊيو، سميع چانڊيو, فيصل لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ حافظ بخشل سهڙو, پير بخش سهارڻ, محمد قمبراڻي, محمد بخش مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪوٽڙِي ۾ شبير ٻنگ۔ سهيل سنڌي۔فياض سومرو امير بخش جهتيال مٺل چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڀان سيدآباد ۾ سهيل ٻرڙو، ڪامريڊ امير بخش خشڪ ،  اڪبر روڌناڻي علي رضا چنا جي اڳواڻي ۾ سرڪاري اسپتال ڀان کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي مانجهند ،منظورآباد، لاکا ۽ سن ۾ ڪارڪنن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، مانجهند ۾ محمد عمر ابڙو يوسف عمراڻي  اعجاز ميمڻ جي اڳواڻي ۾َ، سن ۾ لطيف پهنور امام الدين ڇڇر انور مڱڻھار جي اڳواڻي ۾ ،منظورآباد ۾ محمد ملوڪ ٿيٻو حق نواز مڱڻھار مدد علي سولنگي جي اڳواڻي ۾  ، لاکا ۾  علي نواز ڪنڀر اصغر ميمڻ جي قيادت ۾  ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا کڻي احتجاج ڪيو ،شھدادڪوٽ ۾ حاڪم مستوئي,پير بخش ڀٽي, الله داد خشڪ, آصف مگسي,حمل خشڪ,معتبر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،  گهوٽڪي ۾ بار جي وڪيلن جي وڪيلن  ايڊوڪيٽ لال بخش گهوٽو , ايڊوڪيٽ امتياز ملهاڻو , عبدالرشيد مهر , آغا عاشق , فاروق گجر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ، بدين ۾ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنهور , ضلعي صدر حيدرشاھ , ابو نوحاڻي , دانش نور , جاويد منڌرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته هڪ پاسي بحريا ٽائون , ڊي ايڇ اي ۽ ٻين منصوبن جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڌاريا آباد ڪيا پيا وڃن  ته ٻئي پاسي سنڌ سرڪار مافيا جي ونگاري بڻجي سنڌ جي قومي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي ،  سيد زين شاھ گذريل 80 ڏينهن کان جيل ۾ آهي پر سنڌ حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪندي پوليس اڃا تائين فائينل چالان پيش ڪرڻ لاء تيار ناهي ۽ ڪيسن کي سست رفتاري سان هلائي رهي آهي، ٻئي طرف ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مٿان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو به  جاري آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته ڪيسن جي جاچ جلد مڪمل ڪري بي ڏوھ قيد ٿيل ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪيو وڃي , سنڌ ۾ افغان مهاجرن ۽ ٻين ڌارين کي آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.