ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 98 مريض فوت، 3 هزار 316 نوان ڪيس رپورٽ

 

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا حملا جاري آهن ۽ 24 ڪلاڪن دوران وائرس وگهي وڌيڪ 98 مريض فوت ٿي ويا آهن ۽ 3 هزار 316 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 6 سيڪڙو کان مٿي رهي .

سرڪاري انگ اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو مجموعي انگ 26 هزار 330 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيسز 11 لک 86 هزار 234 تائين پهچي ويا آهن.

ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 3هزار 270 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا آهن، جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو مجموعي

انگ 10 لک 67 هزار 589 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسز جو تعداد 92 هزاز 315 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.