سردار شاهه جي تجويز تي سنڌ ڪابينا جو وڏو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا تعليم واري وزير سردار شاهه جي تجويز تي وڏو فيصلو ڪري ورتو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه جي تجويز تي اسڪول اپ گريڊيشن پاليسي جي منظوري ڏني وئي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ صوبائي ڪابينا اسڪول اپ گريڊيشن پاليسي جي منظوري ڏني.

ان حوالي سان تعليم واري وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته ميونسپل حد کان ٻاهر جيڪڏهن ڪنهن پرائمري اسڪول جي پنجين ڪلاس ۾ 20 ڇوڪرا ۽ 15 ڇوڪريون آهن ته ايليمنٽري اسڪول بڻايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ميونسپل حد ۾ جيڪڏهن ڪنهن پرائمري اسڪول جي پنجين درجي ۾ 50 ٻار ۽ 30 ٻارڙيون آهن ته ان کي ايليمينٽري اسڪول ڊڪيلئر ڪيو ويندو.

هن ٻڌايو ته ايليمينٽري/مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول ۾ اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 40 ٻار ۽ 30 ٻارڙيون هجڻ ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.