بجلي جي ڳرن بلن کان پريشان عوام لاءِ سُٺي خبر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير شبلي فراز بجلي بلن کان پريشان عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز عوام کي بجلي بلن ۾ 60 سيڪڙو تائين گهٽتائي جي سٺي خبر ٻڌائي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت گهٽ خرچ وارا بجلي جا پکا، واٽر موٽر ۽ ٻيو سامان تيار ڪري رهيو آهي، نئين ٽيڪنالاجي سان ٺهندڙ پکن ۽ ٻئي سامان سان بجلي جو استعمال 40 کان 60 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ بجلي ضايع ٿيندي هئي پر هاڻ نئين ٽيڪنالاجي سان ٺهندڙ واٽر موٽر بهتر ڪارڪردگي سان بجلي به گهٽ استعمال ڪندو، جنهن سان بجلي بلن ۾ واضح گهٽتائي ٿيندي، جڏهن ته بچيل بجلي انڊسٽري ۽ ٻين شعبن ۾ استعمال ڪري سگهبي.

شبلي فراز چيو ته گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ سامان جي تياري وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ڪئي وئي آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪنالاجي مان عوام کي فائدو پهچائڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.