خيرپور ويجهو نوجوان جو ڪئنال مان لاش هٿ

خيرپور ( س ر  ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  لقمان ڀرسان روهڙي ڪئنال ۾  لاش لڙهندو ڏسي دنارن لقمان پوليس چوڪي جي انچارج اي ايس آءِ عبدالغفار ڦلپوٽو کي اطلاع ڏنو ، جنهن مقامي ٽوٻن جي مدد سان  لاش روهڙي ڪيئنال مان ڪڊرائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو ،  لاش جي سڃاڻپ  لقمان واسي  38سالن جي جادل پٽ مولا بخش ميتلو طور ڪئي وئي ،  هن سلسلي ۾ لقمان پوليس چوڪي جي انچارج رابطو ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو ته  فوتي جي وارثن پاران  ٻڌايو ويو آهي ته نوجوان  جادل ميتلو اڪثر بيمار رهندو هيو ، جنهن بيماري کان تنگ ٿي خدڪشي ڪري ڇڏي آهي،تنهن هوندي به  پوليس مختلف طريقن سان جاچ ڪري رهي آهي ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.