راڻيپور ويجهو گهرن کي باھ، سامان سڙي رک

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور ڀرسان ڳوٺ جادل خان جوڻو ۾ رات دير سان گهرن کي اوچتو باھ وڪڙي وئي گهر ڀاتين جي دانهن ۽ ڪوڪن تي آپاس پاس جا ماڻهو پهتا جڏھن ته فائربرگيڊ عملو پڻ ترت واقعي واري ھنڌ پهچي باھ تي ضابطو آندو ويو. جڏھن ته گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو باھ متاثر کلي آسمان هيٺ زندگي گذارڻ لڳا. جڏھن ته متاثر ڳوٺاڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي گهرن کي اوچتو باھ وڪڙي وئي آهي ۽ گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي اسان مسڪينن پورھيتن جو وڏو نقصان ٿيو آھي، اسانجي اعليٰ اختيارين ۽ وس وارن کي اپيل ته اسانجي مالي مدد ڪئي وڃي جيئن اسان فاقاشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور نه ٿيون. جڏهن تہ ٻئي پاسي صحافين پاران باھ لڳڻ جو اطلاع ڊي سي خيرپور طارق چانڊيو کي ڏنو جنهن بعد ڊي سي فوري طوري نوٽيس وٺندي ضلعي خيرپور ۽ تعلقي سوڀوديرو جي فائربرگيڊ واقعي واري هنڌ پهچي ڪري باھ تي ضابطو آندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.