غوثپور لڳ مقتول جي تدفين، وارث بيهوش

غوثپور (ن ع آ ) غوثپور جي ڪچي جي ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي ۾ ھڪ ڏينھن اڳ ھٿياربندن جي فائيرنگ ۾ مارجي ويل ٽيھن ورھين جي نوجوان سردار اوڳاھي کي سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو۔ ان موقعي تي اوڳاھي برادري جي چڱي مڙس رئيس علي مراد کان علاوه مختلف ڳوٺن مان سوين مائٽ مٽ۔ دوستن ۽ سول سوسائٽي جي ڪيترن ئي ماڻھن جنازي جي نماز ۾ شرڪت ڪئي جڏھين ته مقتول جا گھر ڀاتي سندس لاش آڏو ھنجون ھاري بيھوش ٿي ويا۔ ان موقعي تي وارثن دانھيو ته ناحق اسانجي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي ۽ اڳ ۾ به سندس گھر ڀاتين کي جھيڙي۾ ماريو ويو آھي۔ واضع رھي ته اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇھ مھينا پھرين مڇي مارڻ تان تڪرار ھلندڙ ھيو جنھن ۾ ڪالھ مخالف ڌر جي ھٿياربندن گھر ڀرسان مڇي فارم تي ويٺل نوجوان سردار عرف نثار اوڳاھي کي قتل ڪري پاڻ ڪچي طرف فرار ٿي ويا ھئا۔ حد جي پوليس چوويھ ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آھي۔ ٻئي پاسي مقتول جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.