راڌڻ ويجهو نوجوان جو رائيس ڪئنال مان لاش هٿ

راڌڻ( ن ع آ) ٿرڙي محبت مان رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ گل محمد مان ڳوٺ ولي محمد ڳورڙ جي رهواسي 32 سالن جي نوجوان سرور کوسو جو لاش هٿ آيو آهي واھ ڀرسان ڳوٺ ميان بخش جمالي جي ڳوٺائڻ لاش ڪڍي ورتو‘ فوتي نوجوان سرور کوسو شهر جي مشهور ڊاڪٽر مرحوم برڪت کوسو جو ننڍو ڀاءُ آهي‘ ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان اڪثر گل محمد واه مان ڄار ذريعي مڇي ماريندو هيو جيڪو گذريل رات کان گم هيو ۽ وارثن سندس ڏاڍي ڳولا ڪئي پر هو نه ملي سگهيو جنهن جو هن وقت گل محمد واه مان اوچتو لاش ظاهر ٿيو آهي‘ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هو مڇي مارڻ دوران واه ڪري ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.