ڳڙهي خدا بخش ۾ سيف الله ابڙي جي قافلي تي پٿراءُ، پي ٽي آءِ ۽ پ پ ۾ ڇڪتاڻ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جي قافلي تي پٿراءُ ۽ حملي واري کان پوءِ پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو ڪارڪنن کي اعتماد وٺي پيپلز پارٽي خلاف ڀرپور مزاحمت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پاور اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو انصاف هائوس ۾ ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪا روايت پيپلز پارٽي شروع ڪئي اها روايت سندن ڳچيءَ ۾ پوندي، ڪارڪن تيار ڪن اسان سنڌ پوليس کي نيٺ ٺيڪ ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ۾ ٻن شاميانن واري پارٽي بڻجي چڪي آهي ۽ هاڻي پيپلز پارٽي جو آخري وقت اچي چڪو آهي. هن چيو ته آءُ سلام پيش ڪريان ٿو عمران خان جي ٽائيگرن کي جن عمران خان جي مشن کي اڳتي وڌائي پيپلز پارٽي جي دهشتگرد ٽولي کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان به رستا روڪينداسين پر نوڪرن جا نه پر بلاول زرداري جو ڇاڪاڻ پي ٽي آءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ به اچي چڪي آهي بلاول هاڻي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي پولنگ اسٽيشن به هارائي هئي. هن چيو ته سنڌ پوليس تنخواهه سرڪار کان وٺندي آهي ۽ ڪم پيپلز پارٽي جو ڪندي آهي، ان حوالي سان پ  پ  ضلعي اطلاعات سيڪريٽري عمران جتوئي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيف الله ابڙو پئسا ڏئي سينٽر بڻيو آهي کيس سياست جي ڪا به ڄاڻ ناهي. ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته سينيٽر سيف الله ابڙو اسلام آباد ۾ پارٽي جي اعليٰ قيادت کي ڳڙهي خدابخش ڀٽو واقعي تفصيلي بريفنگ ڏنو جنهن کان پوءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

 سڳيون ۾ مائٽن جي زيادتين خلاف زال مڙس جو احتجاج

سڳيون (ن ع آ)   سڳيون ۾ ملاح محلا جي رهواسين مھر علي ملاح ۽ سندس گهر واري ڪنول علي ملاح مائٽن جي زيادتين خلاف ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو تہ اسان ڪراچي ملير جي ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن کان پوء اسان جا مائٽ اختيار علي ملاح، لعل بخش ملاح، بادل ملاح، پهلوان ملاح ۽ ٻيا اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن جن گذريل رات اسان جي گهرن تي هٿياربند موڪلي حملو ڪرائي اسان کي مارائڻ چاهين پيا جيڪي اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن، هنن مان اسان کي جان جو خطرو آهي اسان جي اعلي اختيارين وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ ،ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ٻين وسوارن کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.