فريد آباد ۾ واٽر سپلاءِ جو ڪم مڪمل نه ٿيو، ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

فريدآباد  ( ن ع آ فريدآباد  ۾ واٽرسپلاء جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پيرمحمد ڏيرو سڪندر بروھي ميھر ڏيرو ـ وسيم ڏيرو سجاد ڏيرو محرم رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 81 ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري سٽي گيٽ تي ڌرڻو ھنيو ويو ـ ھنن چيو ته ڪاڇي ۾ 9 ڳوٺن جي واٽرسپلاء جو ڪم سست رفتاري سان ھلي رھيو آهي ڪاڇي جي 9 ڳوٺن ۾ پاڻي جون ٽانڪيون ٺھي نه ملي سگھيون آهن ڳوٺاڻا پاڻي لاء پريشان آهن ـ واٽرسپلاء جا پائيپڀ وڪرو ڪيا ويا آهن جن جي جانچ ڪرائي وڃي ھنن پبلڪ ھيلٿ جا بالا آفيسر  تڪ جا چونڊيل نمائندا احتجاج جو نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھن اسان گھر ٿا ڪريون ته واٽرسپلاء جو ڪم مڪمل ڪري ڳوٺاڻن کي پئئڻ جي پاڻي جي سھولت ڏني وڃي پائيپ وڪرو ٿيڻ جي جانچ ڪرائي وڃي ۽ ڳوٺن ۾ ٽانڪيون ٺاھي ڏنيون وڃن ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.