عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا: سيف الله ابڙو

ڀرياروڊ ( ن ع آ ) گرڊ اسٽيشنن ڀريا روڊ جي ھلڻ سان ڀريا روڊ شھر سميت آس پاس جي علائقن جا لوڊشيڊنگ لو وولٽيج وارا مسئلا حل ٿي ويندا،  پي ٽي آءِ جي سينٽر سيف الله  ابڙو  ڀرياروڊ  ۾ گرڊ اسٽيشن  جو افتتاح ڪرڻ  وقت پريس ڪانفرس  ڪندي چيو ته  اسان عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا  ۽ ھي پروجيڪٽ وزيراعظم عمران خان جو ضلعي نوشھروفيروز جي شھر ڀرياروڊ وارن لاءِ تحفو آھي. ۽ ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ترقياتي ڪم ڪرائنداسين  سي او سيپڪو سکر چوھدري محمد سليم چيو ته  ھتان جي عوام خوش نصيب آهي ته  ايڏو وڏو پروجيڪٽ مليو آهي، ٽيھه ڪروڙ جي لاڳت سان تيار ٿيل گرڊ  ھتان جي شھرين  کي بجلي جي  مد ۾ وڏي سھولت آهي  ۽ بجلي جي لوڊشيڊنڱ سميت  گھٽ  وولٽيج جا ھتان جي عوام جا مسئلا ختم ٿي ويندا،  فوڪل پرسن واپڊا امان قاضي، ضلعي صدر ارشاد سانڍ،  ضلعي نائب صدر عامر علي آرائين،    دوست علي،  امام الدين ڪيريو،  نديم راڄپوت،  ممتاز علي بروھي ڪارڪنن سميت شھر جي معززين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

  نوابشاهه جي  آبادگارن پاران ڌرڻو ڪامياب ڪرڻ لاءِ رابطا مهم

منھڙو (ن ع آ) منھڙو ۾ سنڌ گروور آرگنائيزيشن جو مرڪزي چيئرمين رضا محمد چانڊيو ۽ مرڪزي ڪاميٽي جي اڳواڻن منھڙو ۽ آس پاس جي آبادگارن سان رابطہ مھم 8 تاريخ تي حبيب شگر مل جي گيٽ اڳيان آبادگارن جو رھيل 2017 کان پريميم جيڪو 20 ارب رپيہ ٿئي ٿو فوري طور ڏيڻ جي گھر.سنڌ گروورس SGO جي مرڪزي چيئرمين رضا محمد چانڊيو ۽ مرڪزي ڪاميٽي سنڌ جي آبادگارن جي حقن لاء جدوجھد جو آغاز ڪيو آھي ان حوالي سان سنڌ گروور آرگنائيزيشن جي چيئرمين رضا محمد چانڊيو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ عبدالحق ڏاهري سينيئر وائيس چيئرمين حاجي اسحاق چانڊيو وائيس چيئرمين محمد وارث ڏاهري ميڊيا ڪوآڊيٽر شمشاد ملاح محمد ايوب آرائين پير ڪرم الله انڙ ولي محمد ڏاھري مهراڻ ڏاهري ۽ ٻين منهڙو پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شھيد بينظيرآباد جي چار شگر ملن پاران ڪمند جي آبادگارن کي رقم جي ادائگي نہ ڪرڻ ۽ قابل احترام سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ ھاء ڪورٽ جي ڏنل فيصلن تي عمل نہ ڪرڻ خلاف آبادگارن جي تحريڪ جي شروعات ڪري چڪي آھي ياد رھي تہ ضلع جي چار شگر ملن ڏانھن آبادگارن جي 20 ارب رپين کان مٿي جي بقايہ جات رھيل آھي جنھن ۾ 2017 ۽ 2018 جي سيزن جا 22 رپيہ في مڻ جي حساب سان ۽ ڪوالٽي پريميم جيڪو 1999ع کان رھیل آھي ان جي حاصلات لاء تاريخ 8 سيپٽمبر اربع جي ڏينھن 11 وڳي حبيب شگر مل نوابشاھ جي مين گيٽ تي احتجاجي ڌرڻو ڏنو ويندو

 جيل جون سختيون اسان کي مقصد تان هٽائي نه ٿيون سگهن: راجا سولنگي

راڌڻ(ن ع آ) راڌڻ شھر ۾ ڪرپشن خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ ڪوڙن ڪيسن وسيلي جيل اماڻيل نوجوان سياسي سماجي ڪارڪن, قلم ڌڻي, ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ راجا سولنگي جيل مان ضمانت تي آزادي ماڻڻ بعد راڌڻ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سچ سچ آ ڪوڙ ڪوڙ آ جيل جون سختيون اسان کي سنڌي ماڻھن جي ڀلائي واري رستي تان ھٽائي نٿيون سگھن اسان ھميشه ديس واسين جي حقن لاء جدوجھد ڪئي آھي ۽ ساھ جي آخري گھڙي تائين جدوجھد ڪندا رھنداسين ڪوڙا ڪيس اسان لاء اعزاز آھن راڌڻ شھر جي حقن لاء بار بار جيل وڃڻ لاء تيار آھيون ۽ راڌڻ شھر ۾ ڪرپشن خلاف اسان سنڌ شھري وليج اتحاد جي پليٽ فارم تان  تحريڪ ھلائيسين شھر ۾ ٿيندڙ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن کي وائکو ڪري ڪرپٽ ماڻھن جي ڪرتوتن کي  ظاھر ڪيوسين ۽ عملي جدوجھد وسيلي جڏھن ڪرپشن خلاف  ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪراياسين. ته پيپلز پارٽي ضلع دادو جو جنرل سيڪريٽري ۽ ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جو اڳوڻو بااثر چيئرمين غلام دستگير ڳورڙ ڪرپشن متعلق جا جواب ڏيڻ بجاء ويتر اسان مٿان ڏمرجي پيو ۽ انتقامي ڪاروائين تي لھي آيو  حق سچ ڳالھائڻ جي ڏوھ ۾ مون راجا سولنگي منھنجي چاچي غازي خان سولنگي ۽ سندس فرزند دودو خان سولنگي مٿان راڌڻ ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو ۽ وڏن پوليس اٽالن سان چڙھائي ڪرائي مون جھڙي پرامن سياسي سماجي ورڪر کي گرفتار ڪرائي سترنھن ڏينھن جيل موڪليو ويو.

 نوابشاهه:  ايم اي جي امتحان ۾ ٻئي ماڻهو پاران پيپر ڏيڻ جو انڪشاف

نوابشاھ(ڊ ر) نوابشاھ جي سچل ڪاليج ۾ ھلندڙ ايم اي جي امتحان ۾ شھيد بينظير آباد بورڊ آف انٽرميڊيٽ جي ڪنٽرولر ڊاڪٽر وحيد ڏاھري جي سيٽ نمبر 0923 تي سندس جاءِ تي ٻئي ڪنھن ماڻھو طرفان پيپر ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي سندس انرولمنٽ ڪارڊ پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آھي ان سلسلي ۾ ڪٽرولر بورڊ آف انٽرميڊيٽ شھيد بينظير آباد ڊاڪٽر وحيد مراد ڏاھري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرن ۾ ڪا بہ صداقت نہ آھي مون پنھنجو پيپر ھڪ ڪلاڪ ۾ ڏئي ڇڏيو ڇاڪاڻ تہ منھنجي امڙ جي طبيعت ناسازگار ھئي ان ڪري آئون پرچو ڏئي امتحان حال مان ھليو آيس ھن چيو تہ منھنجي جاءِ ڪنھن ٻئي فرد پاران پرچو ڏيڻ وارين افواھن ۾ ڪا بہ صداقت نہ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.