شادي پلي لڳ شاخ جو پاڻي بند، فصل تباهه، ڌرڻو

شادي پلي (  ن ع آ  ) مٺڙائو ڪئنال سب ڊويزن سامارو جي حد مان نڪرندڙ ڀرڳڙي شاخ جي سوين آبادگارن مرتضہ دل ۔ ظھور بگٽي ۔ عبدالحميد بلوچ ۔ ۽  حاجي غفار ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ غيرقانوني وارا بندي خلاف ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو  ۔ جنهن سبب ٽريفڪ بيهجي وئي ۽ گاڏين جون ٻنهي طرفن کان قطارون لڳي ويون ۽ ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ بند ٿي ويو ۔ جنهن سبب لڱ ساريندڙ گرمي ۾ مسافرن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئڻو پيو ۔ ٻئي طرف ڌرڻي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته ڀرڳڙي شاخ جو وارو پندرهين ڏينهن هوندو آھي ۔ جڏهن ته شاخ کي لاڳيتو هڪ هفتي کان بند ڪيو ويو آھي. آبپاشي عملدارن مٺڙائو ڪئنال جي با اثر زميندارن کي اسان جي حصي جو پاڻي ڏيڻ لاء زوري شاخ کي بند ڪري ڇڏيو آھي جنهن جي ڪري ڀرڳڙي شاخ تي اسان جا پوکيل تيار فصل ووئنڻ مرچ ۔ ڪمند ۽ ٻيا فصل سڪي تباھ ٿي رهيا آھن ۽ آبادگار توڙي هاري طبقو معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رهيا آھيون ۔  هنن مطالبو ڪيو  ته فوري طور ڀرڳڙي شاخ کي کوليو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري  رهندو ٻئي پاسي ڌرڻي سبب عمرڪوٽ ميرپور خاص روڊ تي سون جي تعداد ۾ گاڏيون بيهجي ويون جڏهن ته آبپاشي عملدارن پاران آبادگارن سان ڳالهيون ڪرڻ بعد سڀاڻي ( اڄ ) شاخ کي کولڻ جي يقين دهاني ڪرائڻ کانپوء ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.