لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر جا قاتل آزاد، پوليس تي خون لوڙهڻ جو الزام، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد ٽئنڪ چوڪ واري علائقي ۾ چار ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر امداد شيخ جي قاتلن جي گرفتاري ۾ وارثن ايس ايس پي چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئيڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي هنن ايس ايڇ او دڙي رحيم بخش ڪلهوڙو ۽ ايس ايس پي عمران قريشي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن آصف شيخ، عمران شيخ، توصيف شيخ، مراد علي شيخ، ضمير شيخ، گلزار گوپانگ ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر امداد علي شيخ کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي لاڙڪاڻو پوليس چار ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ڪري سگهي رڳو ڪاغذي ڪاروائي ڪري ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي. هنن چيو ته قتل ۾ ملوث بلاول عرف بلو لغاري گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اسان کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهيو هو جنهن ڪجهه مهينا اڳ اسان جي نينگر عبدالعظيم شيخ کي سيوهڻ کڻي هليو ويو اهڙي سڌ پوڻ تي اسين سيوهڻ پهتاسين جتي هن اسان کي پسٽل ڏيکاري پاڻ يا نينگر کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني اهڙي دانهن اسان ان جي وڏڙن توڙي الهه آباد ٿاڻي جي پوليس کي به ڏني پر انهن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي ۽ نه ئي پوليس بروقت ان خلاف ڪاروائي ڪئي جنهن ڪري هن گذريل 10 جون تي اسان جي نينگر عبدالعظيم کي پکو شهر ۾ چانهه پيئڻ جي بهاني گهران سڏ ڪري کيس وٺي اغوا ڪري بعد ۾ اسان کي 10 لک روپيه ڀتو طلب ڪيو نه ڏيڻ تي هن اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون جڏهن ته اسان اهڙي دانهن پنهنجي رئيس ۽ چڱن مڙسن کي ڏني جنهن تي هن عبدالعظيم کي ڇڏي ڏنو پر ان کان پوءِ هو مسلسل اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون جنهن ڊاڪٽر امداد شيخ کي اوور هيڊ برج هيٺان سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ سرعام وچ چوڪ تي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اهڙي ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان پوءِ هن وقت تائين ايس پي عمران قريشي ۽ دڙي ٿاڻي جو ايس ايڇ او جوابدارن جي ونگار وهندي قاتلن کي گرفتار نه پيا ڪن اهڙي شڪايتون اسين چونڊيل جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي، پ پ اڳواڻ طارق سيال ۽ پ پ اڳواڻ محمد نواز شيخ کي ڏنيون آهن پر تنهن باوجود اسان جي مڙس کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پوليس اسان سان انصاف ڪرڻ بجاءِ خون لوڙهي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.