سڳيون ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ شهرين جي ريلي

سڳيون (ن ع آ)سڳيون ۾ يوم دفاع جي موقعي تي ميجر عجب گل جي اڳواڻي ۾ پاڪ آرمي جو دستو تحفا ۽ گلدستا کڻي سڳيون جي ڳوٺ ڳهڻو ڀاڳت پهچي شهيد آصف علي ڪنڀر جي مزار تي سلامي پيش ڪئي ۽ شھيد جي وطن جي خاطر قُرباني کي خراجِ تحسين پيش ڪئي، ان موقعي تي سڳيون پريس ڪلب جي صدر ۽ سماجي اڳواڻ ميان اسدلله چنا ۽ سينئر صحافي عرفان چنو بہ پاڪ آرمي سان گڏ شهيد جي مزار تي حاضري ڀري، جڏهن تہ آخر ۾ پاڪ فوج جي ميجر عجب گل شھيد جي وارثن کي يقين ڏياريو تہ ڪنھن بہ ڏُکي وقت ۾ پاڪ آرمي شھيد جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏيندي، ٻئي طرف سڳيون ۾ 6 سيپٽمبر يوم دفاع واري ڏهاڙي تي 1965 واري جنگ دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان رٽائرڊ آرمي پرسن ويلفيئر ايسوسيئيشن  تعلقي سوڀوديرو پاران رٽائرڊ نائيب صوبيدار غلام حيدر چنا صدر، اختر حسين ڀٽو نائب صدر، جنرل سيڪريٽري اياز علي شاھ، اطلاعات سيڪريٽري ممتاز علي سومرو آفيس سيڪريٽري شمس الدين نوهپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سڳيون کان نوشهروفيروز طرف ريلي ڪڍي وئي

 شڪارپور ۾ به 5 قوم پرست ڪارڪن قومي ڌارا ۾ شامل

شڪارپور(ڊ ر ) ملڪ جي بچاء واري ڏھاڙي تي شڪارپور جي پنجن قوم پرست ڪارڪنن  شڪارپور پريس ڪلب پھچي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، قومي ڌارا ۾ شامل ٿيندڙ محمد شڪيل نوناري، ڪاشف ميمڻ،رحيمداد راھي، صدرالدين ۽ حاجي گھرام قومپرست جماعت جسم ۽ جسقم جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيئي قومي نظرئي کي تسليم ڪندي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.، ھنن چيو ته  اسين قومپرست تنظيمون ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا آھيون قومپرست سياست ڇڏي ملڪ جي آئين ۽ قانون کي دل سان قبول ڪيون ٿا، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان قومي نظريو اختيار ڪري ملڪ جي بچاء لاء جان قربان ڪنداسين، ان موقعي تي ھنن پاڪستان زنده آباد جا نعرا پڻ لڳايا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.