جوهي ۾ قومي امن ڪميٽي پاران ريلي ڪڍي وئي

جوهي ( ن ع آ   )جوهي ۾ 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي ڏينهن تي قومي امن ڪاميٽي ضلع دادو جي چيئرمين شاھ محمد گاڏھي، ضلعي وائيس چيئرمين سڪندر جسڪاڻي، تعلقي صدر جان محمد گاڏھي، لياقت رستماڻي، علي گل لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ قومي پرچم کڻي نعريبازي ڪندا شھيد بلاول پارڪ کان نيشنل  پريس ڪلب تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاء پاڪ فوج جو ڪردار انتهائي ساراھ جوڳو آھي، ان موقعي تي سمورن شھيدن کي سلام پيش پيش ڪندي ملڪ لاء قرباني ڏيندڙ پاڪ فوج ۽ شھيد جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.*

 قمبر ۾ 6 سيٽمبر جي حوالي ڊي سي جي اڳواڻي ۾ ريلي

 

قمبر(ڊر )سيپٽمبر سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو جي سربراھي ۾ ريلي ڪڍي وئي.ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو جي سربراهي ۾ يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول قمبر کان وايا ڀٽو چوڪ کان قمبر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ ضلعي جي مختلف ادارن جي آفيسرن، سول سوسائٽي، سياسي سماجي، استادن اسڪولي ٻارڙن سان گڏو گڏ اسڪائوٽس ۽ انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾  شرڪت ڪندڙن پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد ڪشمير بنے گا پاڪستان جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ ھيان. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو  چيو ته شھيدن جون لازوال قربانيون روشن مستقبل جون ضمانت آھن يوم دفاع ملھائڻ جو مقصد ملڪ جي نظريي جو تحفظ ڪرڻ آھي پاڪستان جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندڙ اسان جا ھيرو آهن. اسان جي جوانن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي دشمن جي نا پاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو پاڪستان جو ھر فرد پنھنجي ملڪ جي دفاع لاءِ ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي  ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر قمبر منور علي سومرو ۽ ٻيا ضلعي جا آفيسر ۽ اسٽاف پڻ موجود هئا،،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.