اسلام ڪوٽ ۾ ٽرالر همراهه مٿان چڙهي ويو، سڃاڻپ نه ٿي

اسلام ڪوٽ  ( ت ر ) ٿرڪول جي بلاڪن تي ايندڙ ويندڙ ٽرالر خوني بڻجي ويا، ٽرالرن تي ڏينهن ۽ رات ڊرائيونگ ڪندڙ ڊرائيور بنا خوف جي تيز رفتاري سان ٽرالر هلائيندي روزاني انساني زندگيون کسي رهيا آهن،ٽرالرن تي ڊرائيونگ ڪندڙ اڪثر نشي جا عادي هجڻ ڪري حادثا معمول بڻيل آهن،انهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر ڏانھن ويندڙ ٿرڪول روڊ تي اونڌيو لڪ وٽ رات دير سان تيز رفتار ٽرالر واٽ ويندڙ نامعلوم واٽهڙو کي ڇيڀاٽي ماري ڇڏيو،اطلاع تي اسلام ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي روڊ تي ٽُڪرن جي صورت ۾ پيل لاش کي تحويل ۾ وٺي سرڪاري اسپتال آندو، لاش کي ٽوال ۾ ويڙهي کنيو ويو،پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل درويش صفت انسان هو جيڪو مقامي نٿو لڳي،ڪارڊ نه هجڻ ڪري سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي،انهي ڪري لاش کي لاوارث ڄاڻائي ايڌي اداري جي حوالي ڪيو آهي،جڏهن ته حادثو ڪندڙ ٽرالر جي خبر پئجي نه سگهي،پوليس موجب جاچ جاري آهي ياد رهي ته ھڪ مھيني اندر ٿر ڪول روڊ تي ٽرالر ڊرائيور جي غفلت ۽ تيز رفتاري سبب 3 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.