خيرپور لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾ همراهه فوت

خيرپور (ڊ ر) خيرپور شاهه حسين پوليس ٿاڻي جي حد جهنگل هوٽل وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرالر ڪارگو رڪشا کي ٽڪر هڻي ڪڊيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪارگو ڊرائيور رمضان چنه موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ساٿي سخت زخمي ٿي پيو اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمي کي سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو جتي فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمي کي آرٿو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي سندس هالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.