ٽنڊي آدم ۾ لڄالٽ ڪيس جو چالان پيش، جوابدارن ڏوهه قبولي ورتو

ٽنڊو آدم ( ن ع آ) ٽنڊي آدم جي احمد آباد پاڙي ۾ مهينو اڳ شادي جي بهاني ڏاڍائي جوشڪار بعد اڏي تي ويهاريل ناري سويرا راجپوت جي ڪيس جي بي سيڪشن پوليس ٻيهر جاچ کانپوءِ سول ڪورٽ ٽنڊي آدم ۾ ڪيس جو ڪچو چالان پيش ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ناري جي مڙس علي رضا راجپوت، سهولتڪار فيضان علي شيخ ۽ ميرپورخاص واسڻ مبينا طور اڏو هلائيندڙ عورت ناصرھ کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي پوليس اهو چالان ڪيس جي مک جوابدار ناري جي مڙس علي  رضا راجپوت جي ان اقراري بيان کانپوءِ پيش ڪيو آهي جنهن ۾ هن عدالت توڙي پوليس آڏو اقرار ڪيو ته ناري سويرا سان عدالتي پرڻو ڪري بعد ۾ ميرپورخاص ۾ آنٽي ناصرھ جي حوالي ڪيو جنهن کيس اڏي تي ويهاريو جتي کانئس بد پيشو ڪرايو ويندو ۽ مون کي به پئسن مان حصو ملندو هو . ان کان اڳ ۾ ناري جي والد اشرف راجپوت ڪيس داخل ڪرايو هو ته سندس ڌيءَ کي ٽنڊي آدم واسي نوجوان ڪاشف ڀٽي شادي جي آسري تي گهران ڪڍي نڪاح ڪيو ۽ کيس ٽنڊي آدم ۾ اڏي مالڪياڻي آنٽي شائسته  جي حوالي ڪيو جيڪا کانئس ڌنڌو ڪرائيندي هئي پوليس ڪاشف ڀٽي ، اڏي مالڪياڻي آنٽي شائسته ۽  سندس ڀاءَ امجد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو هو . پوليس جو چوڻ آهي ته اسان جي جاچ موجب اڳئين ايف آءِ آر ڪوڙي آهي ۽ ان ۾ جوابدار طور نامزد ماڻهن کي آزاد ڪنداسين . اڄ سانگهڙ جي عدالت ۾ ناري جي 164 جي بيان کانپوءِ ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪرڻ سان صورتحال واضع ٿي ويندي . واضع رهي ته مبينا ڪوڙي ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار ڪاشف ڀٽي ضمانت تي آزاد آهي ۽ آنٽي شائسته ۽ سندس ڀاءُ امجد شيخ جيل ۾ آهن اهڙي ريت ڪيس ۾ نوان نامزد جوابدار علي رضا راجپوت ، سندس ساٿي فيضان شيخ ۽ آنٽي ناصرھ پڻ گرفتار آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.