ڄامشوري ۾ دڪان تي حملو، ملازم کي مارڪٽ، احتجاج

ڄامشورو ( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ سم نالي ڀرسان حيدرآباد ڄامشورو روڊ تي قائم المڪه موٽرس شوروم تي 15 کان وڌيڪ هٿياربندن پيسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان حملو ڪندي شوروم تي ڪم ڪندڙ ملازم امجد خاصخيلي کي مارڪٽ ڪرڻ بعد شوروم کان ٻاهر ڪڍي شوروم کي تالا هڻي فرار ٿي ويا. اهڙي حملي کانپوء سينڊزو روڊ جو رهواسي شوروم مالڪ سڪندر علي چانڊيو ( قمبراڻي ) ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجو ويڳو سهرو منور عباسي جيڪو لاڙڪاڻي ۾ هاء ڪورٽ جو سرڪاري وڪيل آهي ان گهرو اڻبت تان پنهنجي ونڱاري دوستن ممتاز مشوري ۽ حاڪم مشوري کي اڳيان ڪندي انتقامي ڪارروائي ڪرڻ بعد 90 هزار روپين جي ڏيتي ليتي جو بهانو ڄاڻائي منهنجي سينڊوز روڊ تي قائم 3 جڳهن تي قبضو ڪيو آهي ۽ پنهنجي ساڳين ئي ونگاري دوستن جي مدد سان گذريل ڏينهن 15 کان وڌيڪ هٿياربند منهنجي شوروم تي موڪلي منهنجي غير موجودگي ۾ حملي ڪري منهنجي هڪ ملازم امجد خاصخيلي کي گارگند ۽ مارڪٽ ڪري کانپوء شوروم ۾ پيل ڪجھ ضروري دستاويز ۽ گاڏين جا ڪاغذ ڦاڙي شوروم کي پنهنجي تالا هڻي ۽ مومار ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا.هن وڌيڪ چيو ته مان ۽ منهنجي گهرواري, 2 ٻارڙا سليم ۽ اسري’ پنهنجي گهر ۾ خوش آهيون پر منهنجو ويڳو سهرو سرڪاري وڪيل منور عباسي مون تي ڪوڙا الزام هڻي مون کي منهنجي ملڪيت مان بيدخل ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ونڱاري دوستن معارفت مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ٿو تنهن ڪري جيڪڏهن مون کي ڪو به جاني نقصان ٿيو ته ان جا ڏميوار منهنجو ويڳو سهرو وڪيل منور عباسي ۽ ان جا ونڱاري دوست ممتاز مشوري ۽ حاڪم مشوري هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.