سلطان ڪوٽ واسي نوجوان ڪراچي ۾ فوت

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) ڳوٺ وزير احمد سومرو سان تعلق رکندڙ 30 ورهين جو نوجوان نويد احمد پٽ عبدالفتاح سومرو ڪراچي ۾ روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو. ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان نويد احمد سومرو ٿڏي تي فوت، سندس جو دوست محمد نواز بگٽي روڊ حادثي سخت زخمي ٿي پيو آهي.  روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي مڙهه ۽ زخمي کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال پهچايو ويو. معلوم ٿيو آهي ته نوجوان نويد احمد سومرو ڪراچي ۾ شير شاهه واري علائقي ۾ ڪشميري گولڊ سپاري جي ڪارخاني ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪندو هو. جتان هو دوست سان گڏجي ملير طرف پنهنجي رشتيدارن وٽ گهمڻ ويو هو، جنهن دوران واپسي تي سندس جي موٽر سائيڪل ۽ ٽرالر ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سورن جي سٽ نه سهندي نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر ملڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پڻ ڇانيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.