پنو عاقل لڳ واهه تان وڻ چوري ڪندڙ ٽولو پڪڙجي پيو

پنوعاقل ( ت ر ) پنوعاقل لڳ ڪمال واھ تان سرڪاري وڻ چوري ڪٽيندڙ ھٿياربند گروھ پڪڙجي پيو، سومر رات دير سان وڻ چوري ڪٽائيندڙ سرڪاري ٽاري جا قيمتي وڻ چوري ڪٽجي رھيا ھئا ته ڳجھي اطلاع تي ايس ڊي او ايريگشن انور سومرو پنھنجي عملي جا ماڻھون واقعي واري ھنڌ موڪلايا ته اتان چوري ڪرائيندڙ گروھ فرار ٿي ويو، جنھن بعد ايس ڊي او ايريگشن جي چوڻ موجب ته ھنن وڻ چورن خلاف لاڳاپيل بائيجي ٿاڻي ڏانھون ليٽر جاري ڪيو ويو آھي،جلد سرڪاري وڻ ڪٽرائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ اسان پنھنجي انجئنير توڙي ٻين آفيسرن ڏانھون به آگاھي ڏني آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.